سڌ واهه

سڌ واهه (ڍنڍ): هيءَ ڍنڍ ضلعي دادوءَ جي تعلقي دادوءَ ۾ سونا ٻنڊي ٻيلي ۾ واقع آهي. هيءَ ڍنڍ درياهه جي پراڻي واهه مان جُڙيل آهي. هيءَ ڍنڍ فشريز کاتي جي رڪارڊ ۾ آيل آهي ۽ هر سال نيلام ٿيندي آهي. هن ۾ تمام گهڻي مڇي ۽ پکي مرندا آهن.
سڌ واهه، درياهه جو پراڻو واهه آهي، جيڪو انگريزن جي دور تائين وهندو هو. هن واهه تي اوائلي زماني ۾ نار چڙهندا هئا ۽ هي واهه سيالن جي ڳوٺ تائين آبادي ڪرائيندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو